بغداد – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بغداد ۾ نئين پاڪستاني سفار??خا??ي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب ۾ عراقي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فواد حسين پڻ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هو. عراق ۾ پاڪستاني سفير احمد امجد علي ۽ پاڪستان ۾ عراقي سفير حامد عباس لفتا پڻ تقريب ۾ شريڪ هئا. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بغداد ۾ پاڪستاني سفار??خا??ي جي ڪمپليڪس جي تعمير انتهائي خوش آئنده آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستان ايمبيسي ڪمپليڪس عراق ۽ پاڪستان جي عوام، واپاري برادري سميت سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي لاءِ مددگار ٿيندو.