اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 23 -2022ع دوران زرعي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي آهي، ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان گڏ 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل مالي سا?? دوران 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي هئي، مڪئي جي پيداوار ۾ 6.9، ڪمند 2.8 ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. نا??ي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ته زراعت جي شعبي جي اوسر جي شرح 1.55 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سا?? دوران 4.27 سيڪڙو هئي، فصلن جي اوسر جي شرح مجموعي طور تي 2.49 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل مالي سا?? دوران 8.19 سيڪڙو هئي. اهم ۽ وڏن فصلن جي اوسر جي شرح 3.20 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل سال 5.41 سيڪڙو ر??ارڊ ڪئي وئي هئي. جڏهن ته ٻين فصلن تي اوسر جي شرح 0.23 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل مالي سا?? دوران 11.93 سيڪڙو هئي. اقتصادي سروي موجب ڪڻڪ جي پيداوار 5.4 سيڪڙو اضافي سان 27.63 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل مالي سا?? دوران ڪڻڪ جي پيداوار 26.218 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي، مڪئي جي پيداوار 6.9 سيڪڙو اضافي سان 10.183 ملين ٽن رڪارڊ ٿي جيڪا مالي سا?? دوران 9.525 ميٽرڪ ٽن رڪارڊ ٿي، ڪپهه جي پيداوار 41 سيڪڙو گهٽتائي سان 4.91 ملين بيلز (ڳٺڙي) رڪارڊ ٿي. گذريل مالي سا?? دوران چانورن جي پيداوار 9.323 ملين ٽن رڪارڊ ٿي هئي. لائيو اسٽاڪ (چوپائي مال) جي شعبي ۾ 3.78 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو، ٻيلي کاتي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل سال انهي شعبي ۾ 2.25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو هو. ٻيلي جي شعبي ۾ 3.93 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 4.07 سيڪڙو اضافو ٿيو، ماهيگيري جي شعبي ۾ 1.44 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، گذريل سال ان ۾ 0.35 جو اضافو ٿيو هو.