اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) هلندڙ ما??ي سال 23-2022ع ۾ صحت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ۾ جاري ڪيل اقتصادي سروي ۾ صحت جي شعبي جي حوالي سان چيو ته ??الي سال 2021ع جي هڪ سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ ما??ي سال 22ع دوران ??حت جي شعبي تي جي ڊي پي جو 1.4 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو. موجوده حڪومت مستقبل ۾ ڪورونا طرز تي ڪنهن به وبائي مرض ۽ ايمرجنسي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو، جنهن تحت وبائي مرضن لاءِ هڪ مربوط نظام تحت ليبارٽريون جو هڪ نيٽ ورڪ جوڙيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته ??اڻوڪي ٻوڏ سان ??حت جي ڪيترن ئي مرڪزن ۽ اسپتالن کي شديد نقصان پهتو، حڪومت صحت جي متاثر مرڪزن جي بحاليءَ لاءِ پُرعزم آهي. ٻوڏ جي تباهه ڪارين بابت رپورٽ مطابق انهن مرڪزن جي تعمير لاءِ 40294 ملين رپيا يعني 187.6 ملين ڊالر گهربل آهن. هلندڙ ما??ي سال جي پهرين ٽه ما??يءَ دوران ??ين ڊي ايم اي 20 ??ک 44 هزارن کان وڌيڪ مڇردانيون، 7300 هاءِ جين ڪٽس، 200126 کاڌي جا پئڪيٽ، 18860 شروعاتي طبي امداد لاءِ ڪٽس ۽ ٻئي سامان ??ميت زندگي بچائيندڙ 350 جيڪٽس به فراهم ڪيا آهن. ترڪيه ۽ شام جي زلزلي جي امداد لاءِ اين ڊي ايم اي طرفان 7376 ٽن سامان ??نهن ۾ خيما، گرم ڪپڙا، خوراڪ ۽ دوائون فراهم ڪيون ويون.