اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ جي پي روڊ کي ڪيپٽن ڪرنل شير خا?? شهيد جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي. فيض آباد کان پير وڌائي موڙ تائين ڪيپٽن ڪرنل شير خا?? شهيد (اڳوڻي آءِ جي پي) روڊ جي نئين سر تعمير جي منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم اڳوڻي آءِ جي پي روڊ کي ملڪ جي دفاع لاءِ بي مثال جرئت، بهادري ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪندڙ قوم جي هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خا?? شهيد (نشان حيدر) جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون احد چيما، قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب، قومي اسيمبلي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ملڪ شڪيل اعواڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کانسواءِ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار موجود هئا. اهو روڊ 9.8 ڪلوميٽر ڊگهو رستو فيض آباد کان پير وڌائي موڙ (پشاور موڙ راولپنڊي) تائين نئين سر تعمير ڪيو ويو آهي. ان منصوبي ۾ 2 اوور هيڊ برج ٺاهيا ??يا آهن. موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان تي ڪم تيز ڪري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي. ڪيپٽن ڪرنل شير خا?? شهيد روڊ جي تعمير سان فيض آباد کان پير وڌائي موڙ تائين ٽريفڪ جي وهڪري ۾ بهت??ي ايندي ۽ راولپنڊي اسلام آباد جي وچ ۾ شين ۽ سامان جي چرپر ۾ آساني ٿيندي. هيوي ٽريفڪ جي ڪ??ي اڳ ۾ اهو روڊ ڪلاڪن تائين بلاڪ رهندو هو. ان منصوبي جي مڪمل ??يڻ سان عوام جو پراڻو مسئلو حل ٿي ويو آهي.