اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ما??هن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ روزگار ڏيارڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مارڪيٽ ۾ مختلف نوڪرين جي لاءِ خصوصي ما??هن جي موزونيت جو تعين عالمي معيارن موجب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ معذوري جي درجابندي ۽ نوعيت جي فريم ورڪ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، نيوٽيڪ ۽ نادرا جي سينيئر عملدارن ۽ صحت جي عالمي ا??اري جي نمائندي ڊاڪٽر مريم ملڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته هنرمند خصوصي ما??هن جي نوڪري جي لاءِ امڪاني آجرن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۽ پهرين مرحل?? ۾ ??جي شعب?? ۾ ??ڏن آجرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي مهارت موجب انهن کي ايڊجسٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن ۾ خصوصي ما??هن جي نمائندگي وڌائي وڃي ته جيئن انهن کي مڪ جو پيداواري شهري بڻائي سگهجي. صدر قومي ۽ صوبائي سطحن تي عالمي معيارن ۽ بهترين طريقن موجب تيار ڪيل معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ کي ا??تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اهو فريم ورڪ معزوري جي نوعيت سان گڏوگڏ خصوصي ما??هن جي مارڪيٽ ۾ نوڪرين جي لاءِ موزونيت جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. هن معذوري جي سرٽيفڪيٽس کي ا??دو ۾ ترجمو ڪري عام ما??هن جي لاءِ پهچ جوڳو ۽ پڙهڻ جي قابل بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته اهي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي درجابندي جي فريم ورڪ ۽ معذوري جي سرٽيفڪيٽ کي ا??تيار ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان پنهنجي هم آهنگي کي بهتر بڻائين جنهن سان خصوصي ما??هن کي تمام وڌيڪ سهولت ملندي. صدر ميڊيا ۾ خصوصي ما??هن جي ڪاميابي کي ا??اگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن انهن جي ح??صل?? افزائي ٿي سگهي. صدر انساني حقن جي وزارت تي زور ڏنو ته اها سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ما??هن جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ جي سلسل?? ۾ ??نهنجي ڪوششن کي تيز ڪري.