اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان سڀني کي ق??مي جذبي سان سرشار ٿي عوام جي زندگين ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جو مثبت ۽ روشن ڪردار ادا ڪرڻو آهي، هي قوم جي خدمت جو موقعو آهي، ذخيره ??ندوزي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، ??ڄ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪ??يٽ?? اجلاس ۾ سڄي پاڪستان ۾ خاص طور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ضرورت جي شين ۽ خوراڪ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرونا کان بچڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ ?? پارٽي جي متحرڪ ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو ويندو ته جيئن ماڻهو احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪن.