اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي ڪرونا وب?? جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تبديرن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته احتياط ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري ئي ان وبا کان بچي سگهجي ٿو، لاڪ ڊائون ۾ زرعي شعبي کي مڪمل ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي، 14 اپريل تي تعميراتي شعبو ڪم شروع ڪري ڇڏيندو، اڄ خميس کان احساس پروگرام جي امدادي پروگرام تحت 12 هزار رپيا في خاندان امداد ڏني ويندي، سڄي ملڪ ?? 17 هزار جاين تان عوام کي رقم ڏني ويندي، پهرين مرحلي ۾ 23 لک خاندانن کي امدادي رقم ڏني ويندي، امدادي رقم جي فراهمي ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، ايندڙ اڍائي هفتن تائين 144 ارب رپيا ورهايا ويندا، پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ڪرونا رلي?? ٽائيگر فورس جو حصو بڻجن، اها ٽائيگر فورس غريب ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرون?? جي صورتحال جي ڏس ۾ بريفنگ دوران ڪيو.