اسلام آبا?? – 20 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون دوران باجماعت نماز جي لاءِ مقرر ڪيل اصولن تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام پاران ذميواري جو مظاهرو ساراهه جوڳو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ طئي ٿيل 20 نقاطي حڪمت عملي جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته اهو ڪيترو زبردست مثال آهي جتي رياست رهنمائي فراهم ڪري ٿي ۽ ماڻهو پاڻ ئ?? ان تي عمل ڪن ٿا.