اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 10 هون قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جوڙي ڇڏيو ??هي. ناڻي واري وزارت ۾ قائم اين ايف سي ??يڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل (1) 160 تحت 23 اپريل 2020ع کان 10 هون قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ جوڙي ڇڏيو ??هي. وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اين ايف سي ??يوارڊ جو چيئرمين هوندو، سنڌ جو ناڻي وارو وزير، پنجاب جو ناڻي وارو وزير، بلوچستان جو ناڻي وارو وزير، خيبرپختونخواهه جو ناڻي وارو وزير ڪميشن جا ميمبر هوندا، ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار، طارق باجوه (پنجاب)، ڊاڪٽر اسد سعيد (سنڌ حڪومت)، مشرف رسول (خيبرپختونخواهه حڪومت)، جاويد جبار (بلوچستان حڪومت) شامل آهن، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري اين ايف سي ??و سرڪاري ماهر (آفيشل ايڪسپرٽ) هوندو.