اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان ال??اق ٿيندو. ڪشمير جي پاڪستان سان ال??اق جي ڏه??ڙي جي موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته 19 جولاءِ 1947ع تي پاڪستان سان ڪشمير جي ال??اق جي قرارداد منظور ڪئي وئي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته ڪشميري ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي ۽ پاڪستان سان ال??اق جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري شهيدن جو خون رنگ لائيندو ۽ ڪشمير جو پاڪستان سان ال??اق ٿيندو، ڀارت ڪشمير تي غاصباڻو قبضو ڪري رکيو آهي ۽ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف هر عالمي فورم تي آواز اٿاري رهيو آهي.