اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم ??ليم باجوه چيو آهي ته ٿر بلاڪ ٽو ۾ 330 ميگاواٽ جي هڪ ٻئ?? پاور پلانٽ تي ڪم ??رپ??ر نموني ??اري آهي. پنهنجي ٽويٽ ۾ هن چيو ته تازو ئي لانچ ڪيل ٿل نوا حبڪو گڏيل منصوبي ۾ 500 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي. هن چيو ته مقامي طور تي 305 ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. سي پيڪ تحت ان منصوبي جي فنانشل ڪلوزنگ سيپٽمبر ۾ متوقع آهي.