اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو?? رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ايندڙ مرحلو ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آهي، افغان ا??ن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين رابطا وڌندا جنهن سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي تر??ي جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي تر??ي جي حوالي سان ا??و قدم خوش آئنده آهي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو خصوصي اقتصادي زون هوندو، سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو خيبرپختونخواهه جي تر??ي جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو?? رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ان سان صنعت کي هٿي ملندي ۽ مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا م??قعا پيدا ٿيندا، اسان چاهيون ٿا ته خيبرپختونخواهه ۾ رهي ماڻهن کي نوڪريون ملن. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي قبائلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ا??هن جي لاءِ به تر??ي جا م??قعا پيدا ٿيندا.