افغان مسئلي جو ڪو فوجي حل ممڪن نه آهي: وزيراعظم

image
APP43-181220 ISLAMABAD: December 18 - A delegation of Taliban Political Commission (TPC) headed by Mullah Abdul Ghani Baradar called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي جو ڪو فوجي حل ممڪن نه آهي، افغان مسئلي جو حل افغانين تي ٻڌل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، افغان ان عمل کي ناڪام بڻائيندڙن کان اسان کي هوشيار رهڻو پوندو، سموريون افغان ڌريون جنگبندي ڪن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جي وفد ملا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : کنگ میکر