اسلام آباد ۾ پاڪ، آذربائيجان، ترڪي ٽه ڌرئي ڳالهين سان ٽه رخي لاڳاپن ۽ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو: صدر

image
APP34-140121 ISLAMABAD: January 14 – Foreign Minister of Azerbaijan, Jeyhun Bayramov called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو وڌائڻ ۽ ثقافتي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته اسلام آباد ۾ پاڪ، آذربائيجان، ترڪي ٽه ڌرئي ڳالهين سان ٽه رخي لاڳاپن ۽ ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.

مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria