اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان متحده عرب امارات (يو اي اي) جي سفير عماد عبيد ابراهيم الزابي ملا??ات ڪئي. جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون، سياحت، واپار ۽ ماحولياتي تبديلين سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته گرين ڊپلوميسي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ نيون را??ون فراهم ڪندي آهي، هن چيو ته ??تحده عرب امارات ۽ پاڪستان گڏيل اعتماد تي ٻڌل خوشگوار لاڳاپن مان مستفيد ٿي رهيا آهن، متحده عرب امارات پاڪستانين جي لاءِ ٻي گهر وانگر آهي، ملا??ات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جا وسيع امڪان موجود آهن جن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. مملڪتي وزير ٽيڪسٽائيل ۽ گار??ين?? جي صنعت ۾ ڪاروباري صلاحيتن ??ي فروغ لاءِ يو اي اي جي سفير الزابي ??ي فيصل آباد جي دوري کي ساراهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب يو اي اي جي سفير کي آگاهه ڪيو ته ??اڪستان جون زرعي مصنوعات سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، پاڪستاني واپارين جي ذريعي انهن شين کي وچ اوڀر جي مارڪيٽن تائين پهچ ملڻ سان ترقي جا نوان موقعا ميسر ايندا، ڌرين ٻنهي ملڪن جي سرڪاري نيوز ايجنسين جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاداڻي معلومات ??ي فراهمي ۽ هڪٻئي جي ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.