اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين پاڪ??تا?? ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪ??تا?? براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽيڪنيڪي اپ گريڊيشن ۽ جدت بابت جاپان ۽ پاڪ??تا?? جي وچ ۾ گڏيل منصوبن تي جلد عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ جاپان 6 ڏهاڪن تي ٻڌل گهڻ رخي فعال حصيداري جا حامل ملڪ آهن. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل جاپان جي سفير ڪني نوري مستودا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين جاپان جي سفير کي ٻڌايو ته پاڪ??تا?? ٽيلي ويزن (پي ٽي وي)، پاڪ??تا?? براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪ??تا?? کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ناميارين قومي خابرو ادارن وانگر اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنسي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 11 جديد اسٽوڊيوز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جو مقصد اي پي پي جي جديد ترين وڊيو نيوز سروس جي جوڙجڪ ۽ استحڪام آهي، وفاقي ??زي?? جاپان جي سفير کي ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومتي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چيو ته انساني وسيلن جي تربيت جي فراهمي ۾ جاپان جو تعاون ضروري هوندو. اطلاعات واري وفاقي ??زي?? گيمنگ ۽ ايني ميشن جي ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي به زور ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري ??زي?? فلم، ڊرامه، پوڊ ڪاسٽ ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ جاپان سان گڏيل منصوبن جي ضرورت تي به زور ڏنو، وفاقي ??زي?? چوڌري فواد حسين ۽ جاپان جي سفير ميڊيا ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ پاڪ??تا?? ۽ جاپان جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.