اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليو جي خاتمي جي 2 سالا ايمرجنسي ايڪشن پلان جي ??نظوري ڏيندي چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي ??وليو وائرس جو خاتمو ڪرڻو آهي، عالمي برادري کي پوليو جي خاتمي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو ا??هار وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي ??وثر قدمن تي صوبائي صحت جي کاتن ۽ ضلعي انتظاميه کي خراج تحسين پيش ڪندي عالمي حصيدارن جو مالي ۽ ٽيڪنيڪي امداد تي ٿورو ا??ا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سردي جي ??وسم ۾ پوليو جي ??کيڙ جي شرح گهٽ ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي ايمونائزيشن لاءِ اهو ئي موذون ترين وقت هوندو آهي. اسان سڀني کي گڏجي ??وليو وائرس جو خاتمو ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي پوليو جي خاتمي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هنگامي صورتحال کان بچي سگهجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارن جي ??ين ايمونائزيشن پروگرامز کي به پوليو جي خاتمي جي ??هم سان گڏ هلايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ڪوريج حاصل ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ پنج سالن جي ??ا3 798.6 ملين ڊالر جو پي سي ون منظوري جي ??اءِ تيار آهي ??نه?? ۾ عالمي ادارن ۽ حڪومت پاڪستان جي ??الي مدد شامل آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سال 2020ع ۾ پوليو جا 84 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته گذريل 10 مهينن ۾ ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو جيڪا پاڪستان جي ??وليو جي خاتمي جي حوالي سان وڏي ڪاميابي آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ پوليو وائرس افغان پناهگيرن جي ذريعي داخل ٿيندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي 36 مهينن جو عرصو بنا ڪنهن پوليو ڪيس جي رپورٽ ٿيڻ جي ??ڪمل ڪرڻ کانپوءِ ورلڊ هليٿ آرگنائيزيشن پاران ”پوليو فري“ سرٽيفڪيٽ حاصل ٿي ويندو، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي اجلاس کي پوليو تيمن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، عالمي ادارن جي ??مائندن پوليو جي خاتمي واري مهم جي ??وثر قيادت تي وزيراعظم جو ٿورو ا??ا ڪيو ۽ مڪمل تعاون جي عزم جو ا??هار ڪيو. عالمي ادارن جي ??مائندن جو حڪومت پاڪستان جي ??وليو جي خاتمي وارن قدمن تي مڪمل اعتماد جو ا??هار ڪيو ويو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ خاص مددگار فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي ??ڏو وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي ??ڏو وزير محمود خان، گلگت بلتستان جي ??ڏو وزير خالد خورشيد، بلوچستان جي صحت واري وزير سيد احسن شاهه، آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي ??زيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، سمورن چيف سيڪريٽرين، بليو ايڇ او، يونيسيف سي ڊي سي، گاوي، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل جي اعليٰ عملدارن ۽ سينئر سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.