اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، بلوچستان جي باصلاحيت نوجوان افرادي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص معاون نوابزاده شاهه زين ب??ٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان جي اندروني طور تي بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پيز) جي مسئلن ۽ انهن جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي جي حو??لي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.