اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته نفرت انگيز بيانيي کي لغ??م ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، وزيراعظم ع??را?? خان گڏيل قومن ۾ ڪيل تقريرن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي مو?? ان معاملي کي نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين ??جل??س ۾ اٿاريو. نيامي ۾ منعقد ٿيندڙ ??جل??س ۾ زمين هموار ٿي ۽ اسان امت کي ان مسئلي تي متحد ڪيو ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جي خلاف متفقه قرارداد منظور ٿي. ان کانپوءِ پاڪستان گڏيل قومن ۾ قرارداد پيش ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان چيو ته آخري نبي حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، نفرت انگيز بياني کي لغ??م ڏيڻ گهرجي?? الحمد الله دنيا اسان جي مو??ف کي تسليم ڪيو آهي ۽ اسان جي تجويز تي اهو فيصلو ٿيو آهي ته هر سال 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي روڪڻ جي عالمي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو?? الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان کي اسلامو فوبيا جي خلاف هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، آئون ان ڪاميابي تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.