اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پوري دنيا اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي متفق ٿي چڪي آهي، او آءِ سي اجلاس ۾ سئو کان وڌيڪ قراردادون بحث هيٺ اينديون، ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. هو پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين سان گڏ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو سرڪ??ري ترانو ج??ري ڪرڻ و??ري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان ڪجهه مهينن ۾ ٻيون ڀيرو مسلمان امت جي ميزب??ني ڪري رهيو آهي جيڪا اعزاز جي ڳالهه آهي. هي اجلاس ان لاءِ به منفرد آهي جو اهو پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته او آءِ سي جا پرڏيهي و??ير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شريڪ ٿيندا. پرڏيهي مهمان اسان جي ثقافت ۽ ان ڏينهن جيڪو قومي يڪجهتي جو مظاهرو ٿي رهيو آهي، ان جو مشاهدو ڪندا. پرڏيهي و??ير چيو ته او آءِ سي اجلاس جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جون تمام گهڻيون ڪوششون آهن. هن چيو ته اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن مسلمان امت کي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. افغانستان ۾ به انس??ني بحران ج??ري آهي. انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي لاءِ ج??ري ڪيل تر??ني کي ناليو??ري گلوڪار علي ظفر ڳايو ۽ ٻيهر ٺاهيو آهي ۽ وڊيو الڪريم بيگ تيار ڪئي آهي.