اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجه محمد آصف چيو آهي ته قوم کان نئين مينڊيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي عام چونڊن طرف جلد کان جلد وڃڻو پوندو جنهن جو فيصلو اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي گڏجي ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ، عدليه، ??وج، بيوروڪريسي ۽ ميڊيا سڀني کي گڏجي ملڪ کي مشڪل صورتحال مان ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي ٻاهر کان ڪو خطرو نه آهي، اسان کي اندران ئي خطرو آهي، بلوچستا?? جا ماڻهو اليڪشن جي ذريعي اهڙن نمائندن کي اڳتي آڻين جيڪي انه?? جا مسئلا حل ڪري سگهن، اسان کي ناراض بلوچن کي سيني سان لڳائڻو پوندو ۽ انهن جي ناراضگي جا سبب ڄاڻڻا پوندا. خواجه آصف صدارتي خطاب تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته عمران خان جي چار سالا حڪومت جو دارومدار ڪوڙ تي هو. غيرملڪي تحفا وڪرو ڪندڙ پاڻ کي صادق ۽ امين چوي ٿو. اسرائيل ۽ ڀارت مان انهن کي فارن فنڊنگ ٿي. هن چيو ته سڄي سياسي قيادت کي گهرجي ته ان صورتحال جو ادراڪ ڪري. سينيئر صحافي حامد مير جي گهر تي پي ٽي آءِ وارن حملو ڪيو. جيڪڏهن سچ ڳالهايئندڙن جو آواز بند ڪيو ويو ته اهو ملڪ جي لاءِ نقصانڪار ٿيندو. ڪپتان پچ تي ليٽي پيو آهي. عمران خان جلسن جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي اهو انهن جو حق آهي. اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي اسان کي جلد کان جلد چونڊن طرف وڃڻ گهرجي. ملڪ کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي. ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو آهي ماڻهو ٻن وقت جي ماني ??اءِ ترسي رهيا آهن جڏهن ته چيو پيو وڃي هي امپورٽيد حڪومت آهي. صدارتي خطاب تي بحث سهيڙي وڃي ته جيئن هي ايوان نارمل بزنس طرف اچي سگهي. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال ۽ بلوچستا?? جا معاملا 30، 40 سالن کان اسان جي سامهون آهن. اسان کي بلوچستا?? جا مسئلا ۽ اتي هلندڙ تحريڪ?? جا سبب ڳولڻا پوندا.