اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس سروس منصوبي ۾ 5 سالن جي دير جي جاچ ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ??رڻ جو ??ڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اڳوڻن حڪمرانن پوڻا چار سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جو رٽ لڳائي رکي آهي، انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ڪج??ه نه آهي. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 وڳي اسلام آباد ميٽرو بس سروس تي جاري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور موڙ ميٽرو بس جي سائيٽ تي پهتو. هن چيو ته هي م??صوبو اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ 2017ع ۾ شروع ٿيو هو جنهن کي 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو، ان ۾ 5 سالن جي دير ٿي ۽ مصنوبي تي ڪم مڪمل نه ٿيو. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي ۾ دير جا جاچ ڪرائڻ جو ??ڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ غفلت جي ذميوارن جو تعين ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم رمضان المبارڪ ۾ ميٽرو بس سروس شهرين جي لاءِ مفت هلائڻ جو ??ڪم ڏنو آهي، رمضان المبارڪ جي م??دس مهيني ۾ شهري م??ت سفري سهولتون حاصل ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم اسلام آباد ميٽرو کي ٽن رستن کان موٽر??ي سان ڳنڍڻ جي فوري فزيبلٽي جي تياري جو ??ڪم پڻ ڏنو آهي ۽ باره ڪهو، پشاور موڙ ۽ روات جي روٽس تي م??ٽرو هلائڻ جي لاءِ فوري فزيبلٽي تيار ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي بهترين ۽ معياري سفري سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن پنهنجي پوڻي چئن سالن جي نالائقي ۽ نااهلي لڪائڻ جي لاءِ غيرملڪي سازش جي ڪوڙ جي رٽ لڳائي رکي آهي، نااهلي، نالائقي، سنگدلي ۽ ڪرپشن اڳوڻن حڪمرانن کان غيرملڪي سازش جو ڪوڙ ڳالهرائي رهي آهي ڇو ته انهن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ جي لاءِ ٻيو ڪج??ه نه آهي.