اسلام آباد ??? 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو 38 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفا??تخ??ني پاران م??ندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس پاران ??اري پڌرائي موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، راڻاءُ ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير حنا رباني کر، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايدمرل محمد امجد خان نيازي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، آمريڪا ۾ پاڪستان ??ي اڳوڻي سفير اسد مجيد ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفا??تخ??ني پاران م??ندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو. اڳوڻي سفير اسد مجيد ڪميٽي کي پنهنجي ٽيلي گرام جي مواد بابت بريفنگ ڏني. قومي سلامتي ڪميٽي مواد ۽ ڪميونيڪيشن جي جاچ کانپوءِ قومي سلامتي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي کي پر??ميئر سيڪيورٽي ايجنسيز ٻيهر ان ڳالهه کان ??گاهه ڪيو ته انهن کي ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو. قومي سلامتي ڪميٽي ڪميونيڪيشن جو جائزو ۽ سيڪيورٽي ايجنسين پاران م??ندڙ جائزن ۽ پيش ڪيل نتيجن مان ??هو نتيجو اخذ ڪيو ته ڪا غيرملڪي سازش ناهي ٿي.