اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) گوادر ڊيولپمينٽ ??ٿا??ٽي ۽ انڊس اسپتال، گوادر ۾ 100 بسترن تي ٻڌل عالمي معيار جي اسپتال جي تعمير جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف پڻ موجود هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران ??ار?? بيان موجب گوادر ۾ عالمي معيار جي هي اسپتال مقامي ماڻهن کي علاج جون معياري سهولتون فراهم ڪندي. اسپتال کي جلد مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ان جو ان??ظام انڊس اسپتال سنڀاليندي. اسپتال جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ گوادر جي ماڻهن کي علاج جي لاءِ وڏن شهرن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.