اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿي?? تي ڊائمنڊ جوبلي جي خوشين ۽ مبارڪباد جي موقعي تي ”عظم عاليشان شاد رهي پاڪستان“ جي عنوان سان خصوصي لوگو جاري ڪيو ويو آهي. ا??و پاڪستان سان محبت ۽ ان عزم جي تجديد آهي ته اسان جا بهادر ۽ عظيم بزرگ ۽ شهيد جنهن عزم سان پ??ڪستان ٺاهيو هو انهي عزم سان معاشي طور تي ان کي مضبوط ۽ پا?? تي دارومدار ڪرڻ، فلاحي مملڪت ۽ دفاعي لحاظ کان فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائينداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ان جو مقصد آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو حقيقي مقصد حاصل ٿئي ۽ عوام جي زندگين ۾ اهي آسانيون اچن جنهن جو خواب ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڏٺو هو. معاشي پا?? تي دارومدار ڪرڻ جي ويزن سان پ??ڪستان جا نوجوان حقيقي معنيٰ ۾ قوم جا معمار بڻجندا. قومي ترقي جا ثمر حاصل ٿيندا. هن چيو ته تعليم، روزگار، ڪاروبار ۽ زندگي جي سڀني شعبن ۾ هر اول دستو بڻجندا، اسان پنهنجي نوج??ان?? کي فيصلاساز بڻائينداسين. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ وانگر هڪ اسلامي فلاحي ترقي يافته ۽ معاشي طور تي خودمختيار پاڪستان جو خواب سچ ٿي رهندو.