اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حياتي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ مهم جي رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوف?? مهم جو حصو بڻجڻ جي خواهشمند رضاڪارن تي زور ڏنو آهي ته اه?? 1166 تي ڪال ڪري پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سلمان صوفي چيو ته اهڙا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي سي پي آر ۾ پيشيواراڻي تربيت يافته آهن اه?? رضاڪارن جي تربيت لاءِ رجسٽريشن ڪرائين، مهم جو حصو بڻجن، تربيت ح??صل ڪن، 10 وڌيڪ ماڻهن کي بنيادي سي پي آر جي ٽريننگ ڏين ۽ انعام ح??صل ڪن. هن ٻ??ايو ته ٽريننگ جي رجسٽريشن لاءِ ڪنهن به عمر جا ماڻهو اه?? هوندا. هن نوجوانن، عورتن، ٻارن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن تي زور ڏنو ته اه?? پنهنجي رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وقت سر سي پي آر سان ڪنهن انسان جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.