اسلام آباد – 08 211; آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل حاص?? ڪرڻ تي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ارشد نديم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته جيولن ٿ??و مقابلي ۾ پاڪستاني رانديگر ارشد نديم پنهنجو پهريون گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، جنهن تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿ??، جيولن ٿ??و ۾ تاريخ لکندي گولڊ ميڊل حاص?? ڪرڻ تي ارشد نديم مبارڪباد جو مستحق آهي. قوم کي توهان تي فخر آهي.