اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) 6 سيپٽمبر 1965ع جرئت ۽ بهادريءَ جا داستان رقم ڪرڻ جو ڏينهن آه??، پاڪستان جي شيردل فوج تمام وڏي دشمن ڀا??ت کي رُڪ جا چڻا چٻرايا، ڀا??ت کي هر محاذ تي منهن ڀر ڪرڻو پيو. 6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀا??ت صبح 4 وڳي لاهور تي حملو ڪيو، پاڪ فوج لاهور جسٽر طرفان سيالڪوٽ ۽ فيروز پور طرفان قصور تي ڪيل ڀا??تي حملو ناڪام بڻايو، واهگه ۽ بيديان جي ٻنهي مهاذن تي پاڪ فوج وڏي جاني نقصان پهچائيندي ڀا??تي حملو ناڪام بڻايو، وڏي انگ ۾ ڀا??تي فوج جنگي قيدي بڻايا ويا. لاهور جي محاذ تي ڪيترين ئي ڀا??تي ٽينڪن، بندوقن ۽ ٻئي جنگي سازو سامان کي تباهه ڪيو ويو. جسٽر واري جاءِ تي تمام وڏي جنگ وڙهي وئي، جنهن ۾ ڀا??تي فوجين کي ڊوڙائي ڪڍيو ويو ۽ راوي درياهه جو اهو ڏاکڻيون علائقو آزاد ڪرايو ويو جنهن تي ڀا??تي فوج صبح جو قبضو ڪيو هو. ڇمڀ جي محاذ تي وڏو نقصان کائڻ ۽ ڪيترن ئي ميلن جي علائقي ۾ دشمن جا هٿيار وکريا پيا هئا، 35 ڀا??تي فوجين کي جنگي قيدي بڻايو ويو. ڪشميري مجاهدن سرينگر ويجهو 2 پلن ۽ هڪ رستي کي تباهه يو. راجوڙي ۽ پونچ لائن کي به سخت نقصان پهچايو ويو. صبح جو ساڍي 6 وڳي لاهور تي حملي جي خبر ملندي ئي فوج کي پنهنجي مقرره هدف تي قبضي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. پاڪ فضائيه پٺاڻ ڪوٽ هوائي اڏي تي ڪامياب حملو ڪيو، پاڪ فضائيه ڀا??ت جا 22 جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ سي 119، ميسٽريس، 21 ساخت جا جهاز شامل هئا. هڪ ميسٽريس جهاز کي راهوالي وٽ ميزائيل وسيلي ڪيرايو ويو. فيلڊ مارشل محمد ايوب خان چيو هو ته اسان جنگ جي حالت ۾ آه??ون، اسان جا بهادر سپاهي دشمن جا حملا ناڪام ڪرڻ لاءِ اڳيان نڪري چڪا آه??، اسان جي هٿياربند فوج جرئت ۽ بهادري ثابت ڪري ڏيکاريندي. اسان جي بهادر فوج جو جذبو ناقابل تسخير آه?? ۽ اسان جو عزم ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيو. هو دشمن سان لوهن هٿن سان وڙهندا.