برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جرمني جي دوري جي موقعي تي برلن ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو. هن سفارتخاني ۾ آفيسرن سان ملاقات ۽ ڊيجيٽل ٽوئرازم ڪارنر جو افتتاح پڻ ڪيو. پرڏيهي وزير آگمنٽڊ ۽ و??چوئل ريئلٽي جي ذريعي پاڪستان جي سي??حتي ورثي جي فروغ کي ساراهيو ۽ پسنديدگي جو اظهار ڪيو. ڊيجيٽل ميونخ جي سي اي او ارسلان منهاس پرڏيهي وزير کي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير ورچوئل ريئلٽي گلاسز پائي ڊيجيٽل سي??حت مان لطف اندوز ٿيو. ڪنهن به پاڪستاني سفارتخاني ۾ پنهنجي طرز جو هي پهريون منصوبو آهي.