اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ ??ضا??ي جو خطرو آهي، لکين گهر ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل جي تباهي سان غريبن جي بار ۾ ??ضا??و ٿيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان غربت جي خاتمي، عو??م جي ت??قي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ت??قي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن ??يا??ن جو اظهار 17 آڪٽوبر تي غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ غربت جي مڪمل خاتمي لاءِ خوراڪ، روزگار، صحت، گهر، انصاف جي پهچ وڌائڻ سان گڏوگڏ عو??م جي سياسي شموليت ۽ انهن جي اختيارن ۾ ??ضا??و ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي غربت ۽ ان جي سڀني شڪلين جي مڪمل خاتمي جي عزم کي ورجايون ٿا. پاڪستان غربت جي خاتمي، عو??م جي ت??قي ۽ خوشحالي ۽ پائيدار ت??قي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غربت ۽ بک دنيا جي انساني حقن جي خلاف آهي، ٻوڏ ۽ ٻيون قدرتي آفتون غربت ۾ ??ضا??ي جو وڏو سبب آهن. تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ ??ضا??ي جو خطرو آهي. هن چيو ته غربت جي خاتمي، زمين ۽ ماحول جي تحفظ جي اصولن تي ڪاربند رهندو. ماحولياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪن جي مس??لن ۾ ??ضا??و ٿيو آهي. صدر چيو ته ٻوڏ جي ڪري عالمي برادري کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻو پوندو. پاڪستان غربت جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا. صدر چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، احساس پروگرام، صحت ڪارڊ جهڙا مختلف قدم کنيا ويا. پاڪستان مس??قبل ۾ غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻندو رهندو.