اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏ??و آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ موجود رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان چائنا نيشنل ني??ڪليئر ڪارپو??يش?? اوورسيز جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چائنا نيشنل ني??ڪليئر ڪارپو??يش?? اوورسيز جي صدر زانگ گيوليانگ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏ??و آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ موجود رهيو آهي. هن چيو ته تازي ٻ??ڏ سان ٿيندڙ تباهي جو مقابلو ڪرڻ ۽ ٻ??ڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ جاري ڪمن ۾ چين پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. چائنا نيشنل ني??ڪليئر ڪارپو??يش?? اوورسيز پاران ٻ??ڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ پيش ڪيو ويو. ملاقات ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ پڻ شريڪ ٿيا.