رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ حل بابت گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي، پاڪستان ۾ تو??نا??ي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، سعودي ع??ب ۽ عالمي دنيا کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي، اسان صحت ۽ تعليم ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا، نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرور?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته اڄ جو هي فورم وڏي اهميت رکندڙ آهي، مستقبل جي حوالي سان سعودي قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ولي عهد محمد بن سلمان نه رڳو سعودي عرب پر ٻين ملڪن جي مستقبل جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحر?? آهي، اسان کي بهتر مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان وٽ ذريعا ۽ ٽيڪنالاجي موجود آهي، ان جا سڀ کان وڌيڪ اثر انسانيت تي پوندا، هن وقت ٽيڪنالاجي تي حقيقي منتقلي جو وق?? آهي، ان موقعي مان فائدو کڻندي اسان سماجي، معاشي، موسمياتي تبديليون آڻي سگهون ٿا، قدمن ۽ انوويشن جي ذريعي ان تبديلي کي پڄاڻي تائين پهچائي سگهجي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستاني پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪاميابي جي لاءِ ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته عالمي معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ حل بابت گڏيل حڪمت عملي ضروري آهي، معيشت جي بهتري لاءِ اي ڪامرس جو فروغ لازمي آهي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ عورتن جو بااختيار هجڻ ضروري آهي، معيشت جي بهتري لاءِ عورتن کي مردن سان گڏ ڪم ڪرڻو پوندو، اسان صحت ۽ تعليم ۾ ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ قدم کنيا، اسان شاگردن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ وظيفا ڏنا، آبادگارن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ وقت سر ادائيگيون يقيني بڻايون، مستحق نوجوانن ۾ لکين ليپ ٽاپ مفت ورهايا، لاهور ۾ هائي ٽيڪ سيف سٽي قائم ڪيو، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ سمارٽ اسڪول قائم ڪيا، پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوا?? طبقي تي ٻڌل آهي، اهي نوجوان ٽيڪنالاجي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرور?? آهي. هن چ??و ته پاڪستان فري لانسنگ جي حوالي سان چوٿون وڏو مل?? آهي، پاڪستان جي شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿي، سڀني جي لاءِ صحت جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، اسان جي حڪومت نوجوانن کي انوويشن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هن چ??و ته موسمياتي تبديلي اڄ جي دور جو وڏو چئلينج آهي، ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، ٻوڏ جي ڪري بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وڏو نقصان ٿيو، موسمياتي تبديلين کان متاثر ملڪن جي عالمي سطح تي مدد ڪرڻي پوندي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک متاثر جڏهن ته 1700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، ٻوڏ سان پاڪستان ۾ لکين گهر تباهه ٿيا، ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ سعودي عرب سميت ڀائر ملڪن جي امداد تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چ??و ته اسان پنجاب ۾ شمسي تو??نا??ي جو منصوبو متعارف ڪرائي چڪا آهيون، شمسي تو??نا??ي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پراميد آهيون، حڪومت نجي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ شمسي تو??نا??ي حاصل ڪرڻ جي وسيع صلاحيت موجود آهي، اسان شمسي ۽ هوا جي ذريعي تو??نا??ي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پراميد آهيون، سعودي ع??ب ۽ عالمي دنيا کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چ??و ته موجوده دور جي ڪلين انرجي انتهائي اهم آهي، اسان بهاولپور ۾ هڪ هزار ميگاواٽ جي پيداواري صلاحيت وارو سولر پارڪ قائم ڪيو، اسان تيل ۽ گئس درآمد ڪريون ٿا، سڄي دنيا ۾ ان جون قيمتون بلند ترين سطح تي وڃي رهيون آهن، پاڪستان جي معيشت اسرندڙ ملڪ هجڻ جي حيثيت سان وڏو درآمدي بل برداشت نه ٿي ڪري سگهي، اسان ريلوي، بندرگاهن سميت ٻيا بنيادي ڍانچا بهتر بڻائي رهيا آهيون، اسان نجي ڪاروباري ادارن جي معيشت ۾ شموليت کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چ??و ته پاڪستان ۾ هايئر ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز آهن، انهن مان ڪنهن هڪ يونيورسٽي ۾ سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪري سگهجي ٿو جنهن جي ذريعي پاڪستان ۾ مارڪيٽ جي ضرورت موجب اسان جي نوجوانن جي انوويشن جي صلاحيتن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو.