اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو ??قص??ن ٿيو آهي، جڏهن ته تعمير ۽ ٻيهر بحالي لاءِ پاڪستان کي 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ کانسواءِ گهرن، زراعت، چوپائي مال، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبن کي شديد ??قص??ن پهتو آهي، انهن شعبن ۾ ترتيبوار 5.6 ارب ڊالر، 3.7 ارب ڊالر ۽ 3.3 ارب ڊالرن جو ??قص??ن ٿيو آهي. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ يعني 70 سي??ڙو سنڌ ۾ ٿيو آهي، بلوچستان ??قص??نن جي حوالي سان ٻي نمبر تي، خيبرپختونخوا ٽئين نمبر ۽ پنجاب چوٿين نمبر تي آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1730 ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيو، هن وقت به ڪيترن ئي متاثر علائقن ۾ پاڻي بي??ل آهي جنهن سبب پاڻي مان ??يد?? ٿيندڙ بي??اريون پکڙجي رهيون آهن، هن وقت 8 ملين بي گهر ماڻهن کي صحت جا مسئلا سامهون آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبن سان لاڳاپيل ع??رت??ن وڌيڪ متاثر ٿيون آهن، عالمي بئنڪ ٻڌايو آهي ته حڪومت متاثر ڪميونٽيز کي فوري رليف ۽ جلد بحالي ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي، ته جيئن ميڪرو اڪنامڪ ۽ مالياتي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي.