اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي ت??اون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي ت??ديلي جي ت??اهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان پا??ان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي ت??اون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گو??نم??نٽ (حڪومتي سربراهن) جي 21 هين اجلاس کي خطاب ڪيو. ورچوئل فارميٽ ۾ اجلاس جي ميزباني چين ڪئي جيڪو ايس سي او جي ڪائونسل آف هيڊز آف گو??نم??نٽ جو موجوده سربراهه آهي. چين، قازقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي حڪومتي سربراهن سان گڏوگڏ ايس سي او جي مبصر ملڪن جي نما??ند?? پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شنگهائي ت??اون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ و??پاري ت??اون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تنظيم جي خطي ۾ وڌ کان وڌ رابطا قائم ڪرڻ سان ايس سي او جي وچ ۾ تعاون جي سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي کولڻ ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي جيڪو علائقائي رابطن ۽ انضمام جي ذريعي گڏيل خوشحالي جي شنگهائي ت??اون تنظيم جي ويزن کي مڪمل ڪري ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايس سي او کي انتهائي اهميت ڏيان ٿو ۽ پاڪستان شنگهائي ت??اون تنظيم جي اصولن جي بنياد تي علائقائي ت??اون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ منصوبن تحت قدم کنيا آهن. هن غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪيترن ئي ڪامياب قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غربت جي خاتمي جي لاءِ ايس سي او جي خصوصي ورڪنگ گروپ جو پهريون اجلاس ڊسمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مدد تي شنگهائي ت??اون تنظيم جي ميمبر ملڪن جا ٿورا مڃيندي موسمياتي ت??ديلي جي ت??اهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن ترقي يافته ملڪن تي پڻ زور ڏنو ته اهي ”ڪلائميٽ فنانس“ بابت پنهنجي واعدن کي پورو ڪن ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ترقي جي هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ موسمياتي ت??ديلي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي ت??قي جي لاءِ خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ جي اهميت جو ذڪر ڪندي رياستي دهشتگردي سميت دهشتگردي جي لعنت کي ان جي سمورن مظاهر ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن افغانستان سان پائيدار ۽ عملي رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن افغان عوام کي پنهنجي ملڪ کي درپيش انساني ۽ معاشي بحرانن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي. ڪائونسل آف هيڊز آف گو??نم??نٽ شنگهائي ت??اون تنظيم جو ٻيو اعليٰ ترين فورم آهي، جتي ميمبر ملڪن جا حڪومتي سربراهه پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا.