اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب نصاب تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگردن کي سماجي علم ۽ مارڪيٽ جي گهرج موجب هنر سيکاريا وڃن. اڪيڊمي ڌرين جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بهترين عالمي طريقن کي اختيار ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ ۽ بورڊ آف گورنرز جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ص??ر معاشري ۾ فن ۽ ادب جي فروغ لاءِ اڪيڊمي ادبيات جي ڪردار کي ساراهيو. هن اڪيڊمي ادبيات جي خدمتن ۽ مصنوعات جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ ٺوس ۽ موثر مارڪيٽنگ حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن اڪيڊميات جي ادبي مصنوعات ۽ خدمتن کي ويب سائيٽ ۽ سيل فون ايپليڪيشن ذريعي ڦهلائڻ ۾ مدد ڏئي سگهجي ٿي. صدر پاڪستان جي مختلف علائقائي ز??ان?? جي تحفظ جي لاءِ اڪيڊمي جي ڪوششن کي ساراهيو، جيڪي نظرانداز ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر زبان مخصوص علم، حڪمت ۽ ورثي جو ذخيرو آهي، ز??ان?? کي موجوده ۽ ايندڙ نسلن سان گڏوگڏ معاشري جي بهتري لاءِ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڪيڊمي لاڳاپيل ڌرين جي تجربن مان فائدو کڻڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بهترين عالمي طريقن کي اختيار ڪري. هن اڪيڊمي کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجي اهم هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بجيٽ جو دانشمنداڻي طريقي سان استعمال کي يقيني بڻائي. اڪيڊمي ادبيات جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ اجلاس کي ٻڌايو ته اڪيدمي مقامي اديبن ۽ شاعرن ۽ مرحوم اديبن جي سوڳوار ۽ مالي مشڪلاتن جو شڪار خاندانن کي ماهوار اعزازيو ادا ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ان اسڪيم سان هڪ ??زا?? خاندان (غيرمصفين/ فوت ٿيندڙ ليکڪ جا سوڳوار خاندان) فائدو کڻي رهيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڪيڊمي ريسرچ اسڪالرز، شاعرن، اديبن ۽ ادب جي شاگردن کي ضروري حوالاجاتي مواد فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ لائبريري به قائم ڪئي آهي ۽ اڪيڊمي جي لائبريري م 30 ??زا?? کان وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. اڪيڊمي هڪ خودمختيار ادارو آهي، جيڪو پاڪستاني ز??ان??، ادب جي فروغ ۽ ملڪ ۾ ليکڪ برادري جي ڀلائي لاءِ س??ورن حڪومتي نظامن کي نظم ۽ ضبط ۾ رکي ٿو. ان کانسواءِ اردو، انگريزي ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين ۾ ادبي رسالا تيار ڪري ٿو ۽ مختلف ادبي ايوارڊن جي لاءِ نالن جي سفارش ڪري ٿو.