اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي وراثت کا?? محروم رکندڙ غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ سمورن حصيدارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ڪير اسلامي قانون وراثت جي خلاف ورزي نه ڪري جهڙي نموني قرآن ۽ سنت ۽ اسان جي آئين ۾ لکيل آهي. هن چيو ته ان غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ عورتون وراثت کا?? محروم رهن، عالم سڳورن، عدليه ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مون سان گڏجي هي جنگ وڙهن. صدر عارف علوي عورتن کي وراثت ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ فيصلي ج?? تفصيل به شيئر ڪيا جنهن موجب صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران 4 ڀي??رن کي وراثتي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حڪمن کي برقرار رکندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي جائيداد جي و??ري سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀي??رن ڀائرن ۾ حصي موجب ورڇ ڪئي و??ي. واضح رهي ته چار ڀي??رن هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته سندن ڀائرن فوتي والد جي جائيداد ۾ انهن جي وراثتي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ درخواست ڪئي هئي ته انهن جو حصو انهن کي ڏياريو وڃي.