ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي اقتصادي م??املن ??ار?? وزير عبدالله طوق المري ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم م??مد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ م??مد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو، ??نه?? ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي م??املن تي به خيالن جي ڏي وٺ ??ندا. وزيراعظم م??مد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ م??مد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.