اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ??درن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ، عدليه، حڪومت ۽ واپاري برادري کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ۽ حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت آهي، ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ مالي استحڪام آڻڻ جي لاءِ عزم ۽ صلاحيت سان مسئلا حل ڪرڻا پوندا، سياسي ۽ جمهوري عمل جي ??لاف اٿندڙ آوازن جي ??وصلا شڪني جي ??رورت آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت کي هر گذرندڙ ڏينهن سان برقرار ۽ مضبوط ٿيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سڄي ملڪ جي 54 چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ??درن ۽ نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ۾ عورت چيمبرز آف ڪامرس، سمال اينڊ ميڊيم چيمبرز اف ڪامرس، اپٽما، پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن ۽ استاڪ ايڪسچينج جا نمائندا شامل هئا. ملاقات ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، سرحد ۽ راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس ۽ فارماسيوٽيڪل سيڪٽر جا نمائندا به موجود هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي ڏس ۾ سمورين سياسي ڌرين جي ??تفاق راءِ سان عام چونڊون منعقد ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن هڪ مڪمل نمائنده حڪومت جي چونڊ ڪري سگهجي ??يڪا اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل فراهم ڪري. صدر چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون هڪ اهم فيصلو آهي جنهن سان ملڪ کي پنهنجي مالي ۽ اقتصادي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته عوامي مينڊيٽ رکندڙ نمائنده حڪومت ئي پاڪستان جي ??وام کي مشڪل فيصلن تي رضامند ??ري سگهي ٿي. صدر ملڪ ۾ سياسي استحڪام کي مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ بنيادي ۽ اهم ترين عنصر قرار ڏنو ۽ سمورين سياسي ڌرين تي زور ڏنو ته اهي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ ??تفقه تاريخ جي ??عين جي لاءِ ??وري طور تي ڳالهيون ۽ غور فڪر شروع ڪن. هڪ سوال جي ??واب ۾ صدر اسٽيبلشمينٽ پاران سياسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ جي ??رادي کي ساراهيو ۽ سياسي قوتن تي زور ڏنو ته اهي گڏيل طور تي ان موقعي مان فائدو کڻن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي ??ل لاءِ جمهوري طريقيڪار جو سهارو وٺن ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪن. صدر چيو ته ملڪ جو گهڻو درآمدي بل توانائي جي پيداوار ۽ چرپر جي لاءِ استعمال ٿيندڙ پيٽروليم مصنوعات تي ٻڌل آهي، توانائي، پاڻي ۽ گئس جي ??چت جي هڪ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪري ان لاڳت کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن واپار ۽ صنعت کي گرين توانائي طرف منتقل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نه رڳو درآمدي بل کي گهٽ ڪري سگهجي پر ماحوليات کي به محف??ظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 جي وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪيا ۽ سمورين ڌرين جي ٺوس ڪوششن جي ??ريعي وبائي مرض کي موثر انداز ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ملي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جو طريقو اختيار ڪري اسان سياسي، اقتصادي ۽ مالياتي محاذن تي قوم کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪندي انهن کي حل ڪري سگهون ٿا. صدر چيو ته وومين چيمبرز آف ڪامرس کي عورت انٽرپرينيورز ۽ اسٽارٽ اپس کي قيادت فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ قائم ڪرڻ جي لاءِ بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ بئنڪن قرضن جي لاءِ درخواست ڏيندڙ عورتن کي 100 سيڪڙو قرض فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي پر بدقسمتي سان عورتن پاران مختص قرضن مان رڳو 5 سيڪڙو ئي حاصل ڪيو ويو. هن ميٽا پاران شروع ڪيل هنرمندي جي ??ربيتي پروگرامن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??رورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن عورتن کي مارڪيٽ جي ??رورت موجب مهارت حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي مصنوعات ۽ خدمتن کي آن لائين وڪرو ڪرڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته ملڪ ۾ خاص طور تي هيٺئين سطح تي ڪاٽيج انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت آهي. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته ڪم ڪندڙ عورتن کي هراسان ڪرڻ کان پاڪ ڪم جي ماحول جي فراهمي، عورتن جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي مالياتي طور تي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن ذهني ۽ نفسياتي مرضن ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جهڙن صحت جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول جي نظام ۾ آڻڻ جي ڪوششن ۾ پڻ ڪاروباري برادري جي فعال شموليت جي ??رورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ ٻارن جي پرائمري اسڪولن ۾ داخلا جي ??رح جي مايوس ڪندڙ صورتحال تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو عالمي بئنڪ جي ??ازه ترين رپورٽ موجب پاڪستان ۾ رڳو 68 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اها هڪ سنگين صورتحال آهي ۽ ڪاروباري برادري سميت سمورين ڌرين کي ٻارن جي ??سڪولن ۾ داخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??يصلائتا قدم کڻڻ جي ??رورت آهي. واپاري برادري جي ??جويزن تي تبصرو ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي ٽرسٽ قانونن ۾ ترميمن جي ??رورت آهي ته جيئن ٽرسٽ جي ??جسٽريشن ۽ آپريشن کي آسان بڻائي سگهجي ??نهن سان ملڪ ۾ ڪاروبار جي فروغ ۾ مدد ملندي. هن موجوده صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ جلد مشاورتي عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن واپاري برادري جي ٽيڪس، امپورٽ ڪليئرنس ۽ لائنز آف ڪريڊٽ کولڻ جي ??والي سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملي. ملاقات دوران واپاري برادري جي نمائندن ملڪ جي معاشي صورتحال جي ??والي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ موجوده مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حل تجويز ڪيو.