اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف امي?? ظاهر ڪئي آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) معاشي چئلينجن کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي، آءِ ايم ايف پروگرام تحت 9 هون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، پاڪستا?? پروگرام ۾ طئي ٿيل ??ڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اي ڊي بي جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان سان اي ڊي بي جي پراڻي وابستگي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ قابل اعتماد حصيدار هجڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ اي ڊي بي جي فراخداڻي مدد کي ساراهيو، ان ۾ هنگامي امدادي گرانت، آفتن کانپوءِ جي ضرورتن جو اندازو ۽ جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ڪانفرنس دوران ڪيل واعدا شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان جي اهم اقتصادي شعبن خاص طور تي ٽرانسپورٽ، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ سماجي شعبي ۾ اي ڊي بي جي سيڙپڪاري کي ساراهيو. هن امي?? ظاهر ڪئي ته اي ڊي بي ملڪ جي معاشي چئلينجن کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان پنهنجي مضبوط حصيداري جاري رکندي. وفد کي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت نائُون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي جيڪو عملي جي سطح جي معاهدي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستا?? پروگرام ۾ طئي ٿيل ??ڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي وڏي چئلينجن کي منه?? ڏيڻ ۾ حڪومت جي ڪوششن تي پنهنجي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي اقتصادي چئلينجن کي منه?? ڏيڻ جي لاءِ اي ڊي بي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جي تجديد ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳاپيل ??عليٰ عملدار پڻ موجود هئا.