اسلام آباد ?? 10 ??? مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس واضح ڪيو آهي ته افغانستان بابت پرڏيهي وزارت ۾ هڪ مڪمل ڊويزن قائم آهي جنهن جي سربراهي افغانستان ۽ اولهه ايشيا بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس گذريل ڏينهن جي پريس بريفنگ جي حوالي سا?? چيو آهي ته افغانستان بابت ايڊيشنل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ قائم ڊويزن پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ جذبي سا?? ادا ڪري رهي آهي ۽ اها اڳتي به پنهنجون ذميواريون نڀائيندو رهندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران بريفنگ دوران سوال ڪيو ويو هو ته گذريل هفتي وزيراعظم جي خاص معاون محمد صادق جي عهدي تان مستعيفي ??يڻ کانپوءِ ان جي غيرموجودگي ۾ افغانستان جي معاملن کي پاڪستان ۾ اعليٰ سطح تي ڪير ڏسي رهيو آهي.