اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي طب جي شعبي ۾ تعليمي معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته غيرملڪي يونيورسٽين سان ??صي??اري ۽ رابطا ملڪي تعليمي معيار بهتر بڻائڻ جو تيز ت??ين طريقو آهي، بيما??ين جي علاج سان گڏوگڏ روڪٿام تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي، ان سان صحت جي بنيادي ڍانچي تي بار ??هٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي 5 هين اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائي?? چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر تنوير خالق، سينيٽ ۽ فيڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته ملڪ ۾ طبي تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ طب جي شعبي ۾ تعليمي معيار قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طبي ادارن کي ملڪي صحت جون ضرورتون پوري??ن ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ نرسنگ ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف تيار ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته غيرملڪي ڪورسز ۽ تعليمي مواد تائين پهچ جي لاءِ غيرملڪي يونيورسٽين سان ??صي??اري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، غيرملڪي يونيورسٽين سان ??صي??اري ۽ رابطا ملڪي تعليمي معيار بهتر بڻائڻ جو تيز ت??ين طريقو آهي. صدر بيما??ين جي علاج سان گڏوگڏ روڪٿام تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته بيما??ين کان بچاءُ علاج جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آسان ۽ سستو آهي، بيما??ين کان بچڻ سان صحت جي بنيادي ڍانچي تي بار ??هٽ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي کي ميڊيڪل جي شعبي ۾ مثالي ادارو هجڻ گهرجي، طبي ادارا پنهنجي گريجوئيٽس ۾ انسانيت جي خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي وائي?? چانسلر پاران طبي تعليم جي فروغ لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ نرسن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي منٽس جي توثيق پڻ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر راڻا عمران سڪندر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر موسيٰ خان جي بطور سينڊيڪٽ ميمبر مقرري جي پڻ منظوري ڏني وئي.