اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽي ??ي ڏسان ٿو ته مون کي د??ست?? جي سخت ڳالهه ٻولهه ٻڌي مايوسي ٿئي ٿي جيڪي هڪ ٻئي جي اندر رڳو عيب ۽ گندگي ڳولين ٿا، جهڙوڪ ٻين تي گند اڇلڻ ئي ڇوٽڪاري جو مختصر ترين رستو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? صدر چيو ته ان صورتحال ۾ مون کي شمس تب??يز جي ياد اچي ٿي جنهن چيو: ”اصل گندگي اندر جي گندگي آهي. س??حي آلودگي آساني سان ڌوپجي وڃي ٿي. پر جنهن کي شفاف پاڻي سان به صاف نه ٿو ڪري سگهجي اهي آهن نفرت ۽ تعصب جيڪي روح کي گهٽيا بڻائين ٿا. اسان پنهنجي جسم کي پرهيزگاري ۽ روزي سان پاڪ ته ڪري سگهون ٿا، پر رڳو محبت ۽ درگذر ئي اسان جي دلين کي پاڪ ڪري سگهن ٿا.“ صدر عارف علوي چيو ته الله کان دعا آهي ته هو اسان جي ان ڪم ۾ مدد ڪري.