لنڊن ??? 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جن??ل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب ملاقات دولت مشترڪه جي نئين سربراهه ڪنگ چارلس ٽي جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ لنڊن ۾ منعقد دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي تقريب جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم سيڪريٽري جن??ل کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان سيڪريٽري جن??ل ۽ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن تنظيم کي ماحولياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي ڪردار کي وڌائڻ جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڏهين ڪامن وي??ٿ وزارتي اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري ملتوي ڪيو وي?? هو، ٻوڏ سان پاڪستان جي معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو هو. وزيراعظم سيڪريٽري جن??ل کي پاڪستان جي باضابطا دوري جي پڻ دعوت ڏني. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جن??ل جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.