اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظ??هر ڪئي آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (اي?? سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ڪامياب رهندو. پرڏيهي وزير اي?? سي او اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ گووا پهچڻ تي پنهنجي ??يان ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ??جلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪرڻ منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. اميد ڪريان ٿو ته اي?? سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس تمام گهڻو ڪامياب رهندو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي اجلاس ۾ شرڪت جي ??عوت اي?? سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موجوده سربراهه ڀارتي پرڏيهي وزير ڏني آهي.