اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ ??رڪ??ري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي 30 جاري ۽ ٻن نئي?? ترقياتي منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 6 ارب رپين جا فنڊز رکيا آهن. انهن منصوبن جو منظور ٿيل ڪاٿو 88 ارب 35 ڪروڙ 49 لک 50 هزار ر??يا لڳايو ويو آهي. جنهن جي لاءِ 55 ارب 74 ڪروڙ 76 لک 14 هزار رپين جا پرڏيهي فنڊز پڻ خرچ ٿيندا. ??رڪ??ري ترقياتي پروگرام تحت حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ ڊيجيٽل پاڪستان جي سائبر سيڪيورٽي جي جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مجموعي طور تي 54 ڪروڙ 80 لک ر??يا خرچ ڪرڻ جي لاءِ رکيا آهن. اهو منصوبو مارچ 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو.