اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سامونڊي ??وف??ن جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ تياريون ڪري ورتيون آهن، ماڻهن کي سامونڊي علائقن مان محفوظ جاين تائين منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي صورتحال جي نگراني ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سامونڊي ??وف??ن بپرجوائي جي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائڻ جي امڪانن جي ڏس ۾ سمورا لاڳاپيل حڪومتي ادارا ماڻهن جي اڳواٽ ريسڪيو کي ي??يني بڻائي رهيا آهن. وز??را??ظم چيو ته هن هدايت ڪري ڇڏي آهي ته سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي حفاظتي جاين تائين پهچايو وڃي جتي انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ خوراڪ سان گڏوگڏ ??وف??ن جي خاتمي تائين رهائش ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته بپرجوائي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني هنگامي صورتحال کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ لاڳاپيل وفاقي وزير ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا نمائندا شامل آهن جيڪي مسلسل ان ??وف??ن جي نگراني ڪري ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ 24 ڪلاڪ رابطو بحال رکندا. هن چيو ته ڪراچي ۾ به برساتن ۽ تيز هوائن جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال جي لاءِ تياري ڪئي وئي آهي جڏهن ته سامونڊي مُهاڻن ۽ سامونڊي علائقن تي آبادي جو انخلا تيزي سان جاري آهي، الله تعاليٰ هن قومي ڪوشش سان اسان کي پنهنجي شهرين کي ان ??وف??ن جي نقصانن کان محفوظ رکندو.