اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ بابت شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت قومي اسيمب??ي ميمبر زهره ??دو?? فاطمي سان ملاقات دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زهره ??دو?? فاطمي کيس وزيراعظم جي بااختيار عورتن بابت خصوصي قدم جاري ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. زهره ??دو?? فاطمي وزيراعظم جي يوٿ پروگرام تحت پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپس، وظيفن، بنا وياج قرضن ۽ انٽر پرينيورشپ جا پروگرام جاري ڪرڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. زهره ??دو?? فاطمي وزيراعظم کي ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم لا??اپيل عملدارن کي (ايم ڊي ڪيٽ) شاگردن جي سمورن مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.