ڪان مهترزئي-20 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ??اڪ?? پنهنجي اباڻي علائقي ڪان مهترزئي قلعه سيف الله ۾ عوامي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ??يو ته هو جلد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪان مهترزئي جو دورو ڪري شهرين کي درپيش مسئلن جو ذاتي طور جائزو وٺندو ۽ انهن ??ي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙو اظهار هن ??ان مهترزئي واسين کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ??يو، هن ??يو ته هو علائقي جي سڀني سياسي قيادت، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، سول سوسائيٽي ۽ وڪيلن طرفان نگران وزيراعظم جي نامزدگي تي مبارڪون ڏيڻ تي شڪر گذار آهي، وزيراعظم پروگرام جو انتظام سنڀاليندڙن جو خاص طور تي ٿورو مڃيندي ??يو ته ڪان مهترزئي، قلعه سيف الله کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ ۽ پٺتي پيل حا??تن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، قلعه سيف الله ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري روزگار جي فراهمي ۽ امن امان لاءِ قدم کنيا ويندا. تقريب ۾ مختلف سياسي اڳواڻن، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، صحافين، زميندارن ۽ وڪيلن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ما??هن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.