اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ جي مشڪل معاشي صورتحال باوجود بلو??ست??ن ۾ آبپاشي جي منصوبن جي تعمير ۾ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلو??ست??ن ۾ آبپاشي ۽ واٽر سپلائي جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي بلو??ست??ن ۾ آبپاشي جي جاري منصوبن جن ۾ ڪچين ڍنڍن، پٽ فيڊر ڍنڍ، آوران ڊيم، گشڪور ڊيم، ونڊر ڊيم ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن انهن تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته بلو??ست??ن ۾ زراعت جا وڏا موقعا موجود آهن جن مان مڪمل طور تي فائدو ناهي کنيو ويو. هن چيو ته بلو??ست??ن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. هن چيو ته آبپاشي معاملي تي بين الصوبائي خدشن کي جلد ختم ??يو ويندو ته جيئن ملڪي ترقي جو ڦيٿو تيزي سان هلي سگهي ۽ وفاق مضبوط ٿئي. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سميت بلو??ست??ن جي نگران وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.