اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جاني خيل خودڪش حمل?? جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب صدر 21 آگسٽ تي بنون ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ج?? وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبيدار صنوبر علي، حوالدار آفتاب احمد ۽ حوالدار محمد عارف جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن حوالدار محمد عمران، سپاهي احمد علي، سپاهي محمد حسيب اڪبر ج?? وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي سپاهي ذيشان نزاڪت، عبدالرشيد ۽ وارث عل?? جي پونئيرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن کي سلام پيش ڪيو ۽ انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي خاندانن سا?? همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.